ٽرمپ سرڪار جي نئين ويزا پاليسي، پاڪستاني شهرين لاءِ آمريڪا جا در بند؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين ويزا پاليسي جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت پاڪستان ۽ افغانستان جي شهرين لاءِ ايندڙ هفتي کان آمريڪا ۾ داخلا بند ٿي سگهي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي انتظاميا مختلف ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ ڇنڊڇاڻ واري نظام جو جائزو وٺي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ملڪن جي شهرين تي سفري پابنديون لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي صدر 20 جنوري تي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو هو، جنهن تحت آمريڪا ۾ داخلا لاءِ سخت جاچ پڙتال کي لازمي قرار ڏنو ويو.
ٽرمپ انتظاميا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ڪمزور سيڪيورٽي وارن ملڪن جي فهرست تيار ڪئي وڃي، جن تي جزوي يا مڪمل پابندي لڳائي سگهجي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پاڪستان ۽ افغانستان تي مڪمل سفري پابندي جي تجويز غور هيٺ آهي، جيڪا لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ لکين افغان شهري، جيڪي آبادڪاري جا منتظر آهن، ويزا حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي آمريڪا جي امڪاني سفري پابندين بابت اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.