پي ٽي آءِ کان فوج ۽ رياستي ادارن بابت سوشل ميڊيا پوسٽن تي پڇاڻو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جي، جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، جاچ ٽيم پاران طلب ڪيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان سوشل ميڊيا هينڊلنگ بابت سوال پڇيا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ رياستي ادارن بابت سوشل ميڊيا تي ٿيل پوسٽن تي به سخت سوال ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سندن سوشل ميڊيا پوسٽن بابت تفصيل ڏيکاريو ويو، جڏهن ته بئريسٽر گوهر علي خان ۽ ٻين کان پارٽي فنانسنگ بابت به پڇاڳاڇا ڪئي وئي.
ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي فنانس ڊپارٽمينٽ جا ٻه اهلڪار به جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيا.
عاليه حمزه ۽ ڪنول شوذب طرفان وڪيل ڊاڪٽر علي عمران سندن نمائندگي ڪئي، پر جاچ ٽيم اڳتي طلبي تي ٻنهي کي ذاتي طور هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ اهي ته جاچ ٽيم تحريڪ انصاف جي 15 ميمبرن کي طلب ڪيو هو، پر رڳو 3 اڳواڻ پيش ٿيا.
جاچ ٽيم طرفان شيخ وقاص اڪرم، سلمان اڪرم راجا، خالد خورشيد خان، عون عباس بپي، ڪنول شوذب ۽ عاليه حمزه کي به طلب ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي، تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم سان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جا تفصيل پارٽي پليٽ فارم تي غور هيٺ آڻينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا بابت پڇيل سوالن تي پي ٽي آءِ باني سان به مشاورت ڪئي ويندي.
تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان سڀني ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ ڪنهن به رياستي اداري سان اختلاف نٿا چاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.