اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 9 مئي واقعن ۾ ملوث جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت طرفان داخل ڪيل اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون.
نوَ مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ بابت داخل اپيلن تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي.
چيف جسٽس کانسواءِ بئنچ ۾ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس ميان گل حسن به شامل هوندا.
عدالتي شيڊول موجب، 11 مارچ تي 9 مئي وارن جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ بابت 16 اپيلن تي ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته 12 مارچ تي 8 وڌيڪ اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته پنجاب حڪومت 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.