ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وفاق تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن گيس فراهم نه ڪرڻي هئي ته شيڊيول جو اعلان ڇو ڪيو ويو؟
تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم، مصطفيٰ ڪمال، گورنر صاحب ۽ خالد مقبول کان پڇاڻو ڪيو، گيس جي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو هو پر گيس مڪمل طور بند ڪئي وئي، وزيراعظم ڪراچي آيو ته پڇندو مانس واعدو ڪيو ٿا ته پورا ڇو نٿا ڪيو؟
هن چيو ته بلديا عظميٰ ڪراچي جي آمدني ۾ واڌ ٿي آهي، ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ اسپتالن کي سولر ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪري رهيا آهيون، بلديا عظميٰ ڪراچي وڏن وڏن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.
You might also like