لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ لاهور ۾ برقعو پائي منشيات سپلاءِ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
لاهور ۾ پوليس هڪ منشيات ڊيلر کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو برقعو پائي منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
پوليس موجب جوابدار عطاءُ الرحمان بچڻ لاءِ برقعو پائي منشيات سپلاءِ ڪرڻ وڃي رهيو هو، جنهن کي پيٽرولنگ دوران صوفيا آباد مان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان 10 ڪلو منشيات برآمد ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي استعمال هيٺ ڪار به تحويل ۾ ورتي وئي آهي.
جوابدار جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هو پشاور کان لاهور منشيات سپلاءِ ڪرڻ آيو هو.
You might also like