لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۽ عالمي ڪپ ٻنهي جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان دبئي ۾ سٺي نموني ميچون ڪرايون، هي هڪ ڪامياب ٽورنامينٽ آهي.
بي سي سي آءِ جو نائب صدر راجيو شڪلا چيمپيئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ لاهور پهتو ۽ انتظامن جي ساراهه ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اچي ڏاڍو سٺو لڳو، سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، ڀارتي ٽيم پچ تي نه پر پنهنجي صلاحيتن تي ڀاڙي ٿي.
هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن فائنل لاهور ۾ ڪرائڻو هجي ها ته آسٽريليا کي کٽڻو پوي ها، پر اڳواٽ ئي فيصلو ٿي چڪو هو ته ڀارت جون سڀ ميچون دبئي ۾ ٿينديون.
راجيو شڪلا جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي کان پوءِ پاڪستان ۾ آءِ سي سي ٽورنامينٽ ٿي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، جڏهن ته پاڪ-ڀارت بورڊ پاليسي رهي آهي ٻطرفي سيريز هڪٻئي جي سرزمين تي ٿيڻ گهرجي.
ٻئي پاسي بنگلاديش، ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن به قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٻيو سيمي فائنل ڏٺو.
ان کان کانسواءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر فاروق احمد پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات پڻ ڪئي.