مان اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو ناهيان، ملڪ ۾ دهشتگردن کي باجوا، فيض ۽ عمران آندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر فيض حميد اڳ ۾ ئي گرفتار آهي، جڏهن ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته هن دهشتگردن کي پاڪستان ۾ ڇو آباد ڪيو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو، ان سلسلي ۾ پهريان خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
عمران خان طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خط لکڻ بابت سوال تي هن چيو ته اڳي خطن جو معاملو پاڪستان تائين محدود هو، هاڻي ان کي عالمي درجو ڏنو ويو آهي، پر اڳ جيان انهن خطن جو به ساڳيو حشر ٿيندو.
هن چيو ته مفاهمت تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن سامهون واري ڌر حملي آور نه هجي، مان اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو ناهيان، پر جيڪڏهن مفاهمت ممڪن نه آهي ته پوءِ مزاحمت جي سياست ڪرڻ گهرجي.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا حڪومت کي به دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، پر صوبائي حڪومت رڳو پي ٽي آءِ باني جي اقتدار جي جنگ وڙهي رهي آهي، دهشتگردي خلاف ڪي به اثرائتا قدم نه پيا کنيا وڃن.
هن چيو ته دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جو به اهم ڪردار هو، جڏهن ته جنرل فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني به انهن کي واپس آندو.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته فيض حميد اڳ ۾ ئي گرفتار آهي، هاڻي جنرل باجوا کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته هن دهشتگردن کي ملڪ ۾ ڇو آباد ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.