آمريڪا پنهنجا ڇڏيل هٿيار افغانستان کان واپس وٺي ته خطي ۾ امن بحال ٿي ويندو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سان سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه تسلسل سان جاري آهي، آمريڪا جيڪڏهن پنهنجا ڇڏيل هٿيار افغانستان کان واپس وٺي ته خطي ۾ امن بحال ٿي ويندو.
شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خطي ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين مسئلو آهن، پاڪستان افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو پر افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان افغان حڪومت کان مطالبا ڪندو رهيو آهي.
هن چيو ته طورخم بارڊر افغان فورسز طرفان تڪراري علائقي ۾ چوڪيون ٺاهڻ سبب بند ٿيو آهي، پاڪستان طورخم بارڊر تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ افغان عبوري حڪومت کان معاملو سنجيدگي سان حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث شريف الله جي آمريڪا حوالگي پاڪ – آمريڪا سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار جي روشني ۾ ڪئي وئي، ان حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون، دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري ۽ حوالگي تي ڪو فل اسٽاپ ناهي، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ قونصلر رابطا جاري رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.