ارمغان جي گهر مان 18 ليپ ٽاپ، ڊوائس، قيمتي گاڏي هٿ

ڪراچي( رپورٽر) مصطفيٰ قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو. ايف آءِ اي ارمغان جي گهر  مان 18 وڌيڪ ليپ ٽاپ ۽ اليڪٽرانڪ ڊيوائس هٿ ڪري ورتي. قيمتي اوڊي ڪار پڻ تحويل ۾ ورتي وئي. بهرحال، قيمتي لال ٽرڪ غائب آهي. منشيات اسمگلنگ جي جاچ لاءِ پنج رڪني اسپيشل ٽيم جوڙي وئي. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مرڪزي جوابدار ارمغان جي گهر تي ڇاپو هنيو، ڪمرن جي تلاشي ورتي ۽ سمورو سامان هٿ ڪيو. پوليس جي موجودگي ۾ ثبوت گڏ ڪيا ويا ۽ اليڪٽرانڪ ڊيوائسز ۽ قيمتي گاڏيون هٿ ڪيون ويون. جوابدار ارمغان جي گهر ۾ رکيل قيمتي گاڏي ٽرڪ ۾ کڻي وئي. ٽيم پاران تفصيلي انوینٽري تيار ڪئي وئي، گهر مان 18 وڌيڪ ليپ ٽاپ ۽ اليڪٽرانڪ ڊيوائسز هٿ ڪيا ويا. جوابدار ارمغان جي قيمتي اوڊي ڪار پڻ تحويل ۾ ورتي وئي. ضبط ڪيل ڪار کي جاچ جو حصو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.