ڪئنالن خلاف احتجاج تي پ پ وائڙي ٿي وئي آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڄامشوري ۾ سنڌوءَ دريا تي نون ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي پُرامن احتجاج مٿان پوليس جي وحشياڻي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياهه مٿان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ جو مسئلو سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آھي انڪري پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ جو ٻچو ٻچو ميدان ۾ آهي،هن چيو ته  سنڌ يونيورسٽيء جي هٿين خالي شاگردن جي پُر امن احتجاج مٿان پوليس جي وحشياڻي تشدد ذريعي پ پ حڪومت آمريت واري بدترين دور کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي سنڌ حڪومت تڪراري ڪئنالن خلاف ڇڙو بيان بازي کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هاڻي مسلسل احتجاج جي نتيجي ۾ جڏهن سنڌ سجاڳ ٿي آهي تڏهن سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان رياستي تشدد ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ ڪئنالن واري مسئلي تي وفاقي حڪومت ۽ طاقتور ڌُرين سان ٻُٽ بڻيل آهي..ھن گھر ڪئي ته في الفور سڀني گرفتار شاگردن کي آزاد ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ پوليس گردي ڪندڙ اهلڪارن توڙي کين حڪم ڏيندڙ انتظاميه کي برطرف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.