جسٽس رياضت علي پاران شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ٻڌڻ کان انڪار

ميرپورخاص( م ڊ )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رياضت علي ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ  ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار قتل ڪيس جي 2 ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي جسٽس رياضت علي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جسٽس رياضت علي اڳ ۾ هڪ جوابدار جو وڪيل هجڻ سبب ڪيس کان ڌار ٿي چڪو هو، ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهي ۾ ٿيندي، پوليس اهلڪار وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.