اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بلال بن ثاقب ايم بي اي کي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل لاءِ ناڻي واري وزير جو چيف ايڊوائيزر مقرر ڪري ڇڏيو.
بلال بن ثاقب قومي معيشت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪندي ڊجيٽل تبديلي ۽ محفوظ ۽ شفاف مالياتي نظام متعارف ڪرائيندو.
ناڻي واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
بلال بن ثاقب جي ويب ٿري انويسٽر، اسٽريٽجڪ ايڊوائيزر ۽ بليڪ چين اسپيس ڪلا ليڊر هجڻ جو اعتراف مشهور رسالي فوربس به ڪيو هو.
سندس شاندار خدمتن جو اعتراف بادشاهه چارلس، برطانيا جي مرحوم شهزادي ۽ لنڊن جو ميئر صادق خان به ڪري چڪا آهن.
You might also like