جُهڳي کي باهه لڳڻ سبب 4 ٻار سڙي فوت، ماءُ زخمي

چولستان (ويب ڊيسڪ) چولستان ۾ جهڳيءَ کي باهه لڳڻ سبب 4 ٻار سڙي فوت ۽ سندن ماءُ زخمي ٿي پئي.
پوليس موجب واقعو چولستان جي علائقي قاسم والا ۾ پيش آيو، چانهه ٺاهيندي اوچتو جهڳي ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جهڳي ۾ ڪمند جون خشڪ کلون به پيون هيون.
متاثر خاندان جو واسطو راجن پور سان آهي، فوت ٿيل ويل ٻارن جا مڙهه راج پور، جڏهن ته زخمي عورت کي لياقت پور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر محمد بلال نالي زميندار وٽ پورهيو ڪندا هئا، انهن ڪمند جي فصل وٽ جهڳي ٺاهي رهائش اختيار ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.