چيمپيئنز ٽرافي فائنل جون ڪُل ٽيڪٽون کپي ويون، گهڻي آمدني ٿي؟

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي فائنل لاءِ سڀ (25 هزار) ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون.
رپورٽن موجب، 9 مارچ تي دبئي ۾ شيڊيول فائنل جي ٽڪيٽن جي وڪري سان اٽڪل 9 ملين درهم آمدني ٿي آهي.
اسٽيڊيم جي جنرل ايڊمشن ٽڪيٽن جون قيمتون 250 کان 500 درهم جي وچ ۾ رهيون، جڏهن ته فائنل جي خاص ٽڪيٽن جي قيمت 250 درهم کان 12 هزار درهم تائين مقرر ڪئي وئي هئي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل 9 مارچ تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جتي ڀارت جي مقابلي ۾ ڪهڙي ٽيم هوندي، ان جو فيصلو اڄ لاهور ۾ ٿيندڙ ٻئي سيمي فائنل کانپوءِ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.