ڀارتي اداڪارا ڪروڙين رپيا ماليت جو سون سمگل ڪندي سوگهي

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري سان واڳيل اداڪارا رنيا رائو کي 14.8 ڪلوگرام سون سمگل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيارپورٽن موجب، ڊائريڪٽوريٽ آف روينيو انٽيليجنس (ڊي آر آءِ) جي اهلڪارن ڪنڙا فلم انڊسٽريءَ جي اداڪارا کي بئنگلورو هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو، اداڪارا وٽان 12 ڪروڙ ڀارتي رپين جي ماليت جو سون هٿ آيو، جيڪو ضبط ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا گذريل 15 ڏينهن دوران چوٿون ڀيرو دبئي جو دورو ڪيو، جنهن سبب هوءَ ڊي آر آءِ جي نگراني ۾ هئي.
ٻه ڏينهن اڳ دبئي کان واپسي تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪئي وئي، جاچ دوران پتو پيو ته هن جيڪٽ ۾ سون لڪائي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اداڪارا گرفتاريءَ وقت پاڻ کي ڊائريڪٽر جنرل آف پوليس (ڊي جي پي) جي ڌيءَ ڄاڻايو هو، جنهن جي جاچ جاري آهي.
ٻئي پاسي اداڪارا کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ کيس جلد بئنگلورو جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته رنيا رائو ڪنڙا فلم ”مانڪيا“۾ سپر اسٽار سديپ سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.