بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا سان واسطو رکندڙ باڊي بلڊر عورت چترا پروشوتم جون ڪنوار جي روپ ۾ تصويرون وائرل ٿي ويون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ويجهڙ چترا پروشوتم جي شادي جون تصويرون سامهون آيون، جن ۾ کيس روايتي ساڙهي پهريل هئي.
چترا گذريل ڪيترن ئي سالن کان باڊي بلڊنگ ڪري رهي آهي، کيس پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ ڪيئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
پنهنجي جنون کي ساڀيان جو روپ پهرائڻ لاءِ هن پنهنجي ويجهن ماڻهن جي ڪاوڙ جي به پراواهه نه ڪئي ۽ نيٺ پنهنجي سفر ۾ ڪامياب بڻي.
رپورٽس موجب، چترا جي گهروارن کي اها ڳڻتي هئي ته هن سان شادي ڪير ڪندو، پر سندن خدشا غلط ثابت ٿيا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس شادي ٿي وئي.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته چترا سان شادي آخر ڪنهن ڪئي؟
پرڏيهي ميڊيا موجب، چترا پروشوتم پنهنجي پراڻي دوست سان شادي ڪئي، ٻنهي پنهنجي ڊگهي دوستي کي زندگيءَ جو ساٿ بڻائڻ جو واعدو ڪيو.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن حيرانگيءَ جو اظهار ڪندي لکيو ته هنن پهريون ڀيرو ڪنهن باڊي بلڊر عورت کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏٺو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن چترا کي شادي جي واڌايون پڻ ڏنيون.
You might also like