اسٽيو سمٿ جو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر اسٽيو سمٿ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيو سمٿ چيمپيئنز ٽرافي ۾ پيٽ ڪمنز جي غيرموجودگيءَ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪئي ۽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اسٽيو سمٿ ميچ کانپوءِ ساٿي رانديگرن کي ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته هو ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جاري رکندو.
پنهنجي بيان ۾ اسٽيو سمٿ جو چوڻ هو ته ” هي سفر مون لاءِ انتهائي شاندار رهيو، هر گهڙيءَ سان پيار ڪيو آهي، ٻه عالمي ڪپ کٽڻ ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي.“
اسٽيو سمٿ جو ڪيريئر ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ هڪ مثال آهي ته ڪيئن هڪ رانديگر پنهنجي محنت ۽ جذبي سان نئين سر پنهنجو مقام ماڻي سگهي ٿو.
شين وارن جي جانشين طور عظيم آسٽريلوي سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسٽيو اڳتي ھلي سر ڊان بريڊ مين، اسٽيو وا ۽ رڪي پونٽنگ جهڙن گريٽسٽ بيٽرن جي صف ۾ اچي بيٺو.
فيبروري 2010 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ اسٽيو سمٿ 170 ميچن ۾ ڪينگروز جي نمائندگي ڪندي 12 سينچرين ۽ 35 ففٽين جي مدد سان 5800 رنسون ٺاهيون ۽ بالنگ ڪندي 28 شڪار پڻ ڪيا.
ھو ٻن ون ڊي ورلڊ ڪپ، ھڪ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فاتح ٽيم جو رڪن رھيو، ڪپتان رھيو ۽ ميچ ونر رھيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.