سڪرنڊ (رپورٽ:راج ڪماراوڏ )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اتحاد جي ريلي تي پوليس پاران وحشياڻي تشدد ۽ لاٺي چارج جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي بدترين فاشزم پنهنجو مڪروهه چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پرامن احتجاجي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تي شيلنگ ۽ لاٺي چارج شرمناڪ عمل آهي. مذمتي بيان ۾ سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي اهلڪار 6 ڪئنال منصوبي خلاف احتجاج ڪندڙ تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ تي لهي آيا آهن، معصوم شاگردن تي تشدد آمريت جي بدترين شڪل آهي. پرامن شاگردن مٿان طاقت جو غير ضروري استعمال ڪيو ويو، حڪومت جي اهڙي رويي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي کي ان فاشزم جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي،