پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ ون يونٽ قائم ڪري رکيو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پر امن احتجاج مٿان  پوليس جي وحشياڻي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند ۽ مرڪزي اڳواڻن عبدالقادر رانٽو چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪئنالن خلاف پر امن جدوجهد کي پوليس جي وحشياڻي تشدد ذريعي دٻائڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي سرڪار شاگردن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي 4 مارچ ون يونٽ واري ملڪ دشمن عمل کي ورجايو آهي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ ون يونٽ قائم ڪري رکيو آهي،هنن چيو ته پوليس جو ڪردار سڄي سنڌ ۾ وائکو ٿي چڪو آهي. پوليس پيپلز پارٽي قيادت جي ڪمدار بڻجي ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاجن تي تشدد ڪرڻ بند ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.