ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي،سطان دل ۽ ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته پر امن سياسي جدوجهد جي جبر ذريعي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، پر امن سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي گرفتارين جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته حڪمرانن کي واضح ٻڌايون ٿا ته اوهان جو ظلم سرڪاري دهشتگردي ،هي ڏاڍ ۽ ڏهڪاوَ جو نظام قبول ناهي اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين ،هنن چيو ته عدليه شاگردن مٿان تشدد جو نوٽيس وٺي، پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي