آرمي چيف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جو تاريخ ٻڌائيندي: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي اسلام آباد جي هوٽل ۾ قومي ڪانفرنس ڪرڻ کان حساس ادارن ۽ پوليس روڪيو، ان ۾ حڪومت جو ڏوهه ناهي، انهن کي شايد خبر ئي نه هجي. هن چيو ته حڪومت وٽ ڪو اختيار ئي ناهي، هي هائبرڊ حڪومت آهي، آرمي چيف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جو  تاريخ ٻڌائيندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ عمران خان به هائبرڊ حڪومت هلائيندو هو، اسان کي گرفتار ڪيو ويو، پوءِ عمران خان چيو ته مون کي خبر ناهي، اهو سڀ باجوا ڪيو.

ٺل مان شاگردياڻي جي اغوا جو سيشن جج نوٽيس ورتو

جيڪب آباد(رپورٽ: حضور بخش سومرو) ٺل مان شاگردياڻي ناھيد سرڪي کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جيڪب آباد سيد شرف الدين شاھ نوٽيس وٺي ڇڏيو. عدالت اڄ اڱاري ڏينھن ايس ايڇ او رپورٽ سميت متاثر ڌر کي طلب ڪري ورتو آھي،  ٻئي پاسي ٻه ڏينهن اڳ شاگردياڻي کي اغوا جي ڪوشش  ڪندڙ جوابدار کي شھرين پڪڙي ڪري  پوليس حوالي ڪيو، ٻئي طرف  ٺل مان شاگردياڻي ناهيد سرڪي کي اغوا وارؤ معاملو جوابدار ن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ نامزد پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي .

خيرپور ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مير محمد شيخ جو قتل ڪيس داخل

خیرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر)  پولیس جي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل شڪارپور جي رهواسي مير محمد شيخ جي بيواهه زال مسمات مومل شيخ پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ خيرپور پوليس پنجن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني  هئي جنهن کاپوءِ عدالت حڪم جاري ڪيو هو. گذريل ڏينهن سوراهه ٿاڻي تي پنجن ايس ايڇ اوز، اڳوڻو ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق جتوئي، ايس ايڇ او فيض گنج بشير احمد ڀيو، ايس ايڇ او سوراھ مختيار احمد پٺاڻ، ايس ايڇ او بهارو شاهد خشڪ، ايس ايڇ او شاهه حسين خيرپور غلام عباس سندراڻي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس هن وقت تائين ڪنهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.