غزا (م ڊ) جنگ بندي جي پهرين مرحلي جي خاتمي کان پوءِ، اسرائيل هر قسم جي سامان کي غزا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن ۾ کاڌو پيتو شامل آهن. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي آفيس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل جنگ بندي جي پهرين مرحلي جي خاتمي ۽ حماس پاران بامقصد ڳالهيون جاري رکڻ کان انڪار کان پوءِ امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسرائيل جنگ بندي جي پهرين مرحلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جنگ بندي ۾ عارضي واڌ جو اعلان ڪيو هو. اها واڌ آمريڪا پاران تجويز ڪئي وئي هئي، پر هاڻي اسرائيل يو ٽرن ورتو آهي. اتر غزا ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 5 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حماس چيو ته اها سستي بليڪ ميلنگ آهي ۽ جنگ ڏوهه ۽ معاهدي جي واضح ڀڃڪڙي آهي.