سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر ڊيوڊ بون ڪرڪيٽ ميچ ريفري جي ذميوارين تان هٿ کڻي ورتو.
ڊيوڊ بون آءِ سي سي ميچ ريفري پينل کان الڳ ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو ڪرڪيٽ آسٽريليا جي بورڊ ميمبر طور ذميواريون سنڀاليندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا، بورڊ ۾ خالي پيل پوزيشن تي ڊيوڊ بون کي مقرر ڪيو ۽ اڳوڻو آسٽريلوي بيٽر 28 مارچ تي بظابطا طور تي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي بورڊ جو حصو بڻجندو.
1984 کان 1996 تائين آسٽريليا جي نمائندگي ڪندڙ ڊيوڊ بون هن وقت چيمپيئنز ٽرافي ۾ ميچ ريفري طور پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي.
You might also like