چيمپيئنز ٽرافي: ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي ان فٽ ٿيڻ بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، روهت شرما نيوزيلينڊ خلاف چيمپيئنز ٽرافي جي اهم ميچ کان اڳ نيٽ پراڪٽس ۾ حصو نه ورتو، جنهن سبب سندس فٽنيس بابت ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي.
پاڪستان خلاف ميچ دوران روهت شرما کي هيمسٽرنگ جي شڪايت ڪئي هئي، پر ميچ کانپوءِ هن ٻڌايو هو ته هو ٺيڪ آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، روهت شرما پريڪٽس دوران سخت جسماني ٽريننگ کان پاسو ڪيو ۽ رڳو هلڪي ڊوڙ ۽ بيٽنگ ڪئي ته جيئن هو نيوزي لينڊ خلاف ميچ لاءِ مڪمل فٽ ٿي سگهي.
ٽيم مئنيجمينٽ ۽ طبي عملو سندس جي نگراني ڪري رهيو آهي، روهت جي گروپ اي جي آخري ميچ ۾ شرڪت بابت فيصلو ميچ کان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو مقابلو 2 مارچ تي دبئي ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.