پهرين رمضان تي بينڪون اڪائونٽ ۾ ڪيتري رقم تي زڪوات ڪاٽينديون؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي سال 2025 لاءِ زڪوات جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو.
وزارت طرفان بينڪن کي خط موڪليو ويو آهي، جنهن موجب پهرين رمضان تي جيڪڏهن توهان جي اڪائونٽ ۾ هڪ لک 79 هزار 689 رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم هوندي ته زڪوات ڪٽوتي ٿيندي.
بچت اڪائونٽ، نفعي ۽ نقصان ۽ اهڙي قسم جي اڪائونٽن تي زڪوات لاڳو ٿيندي، ڪرنٽ اڪائونٽن مان زڪوات نه ڪاٽي ويندي.
بينڪن کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته زڪوات جي مد ۾ ڪٽوتي پهرين يا ٻي مارچ تي رمضان جي پهرين تاريخ جي مناسبت سان ٿيندي.
عشر ۽ زڪوات جي آرڊيننس 1980 موجب پهرين رمضان تي هڪ لک 79 هزار 689 رپين کان گهٽ بيلنس جي اڪائونٽن مان زڪوات ڪٽوتي کان ڇوٽ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.