تاشقند (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي گادي واري هنڌ تاشقند پهچي ويو. ازبڪ وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ تاشقند جي ميئر وزيراعظم شهباز شريف جي آجيان ڪئي. تاشقند پهچڻ کان پوءِ، وزيراعظم آزادي جي يادگار جو دورو ڪيو، گل رکيا، عظيم تاريخي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي، ۽ ازبڪ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. دوري دوران شهباز شريف ازبڪ صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪ-ازبڪستان بزنس فورم کي به خطاب ڪندو.