ڪرپٽو ڪرنسي وارن جا اربين ڊالر چوري

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج باءِ بٽ سائبر سيڪيورٽي سان واڳيل ماهرن کان مدد جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن هيڪرز پاران چوري ڪيل ڏيڍ ارب ڊالرن جي ڊجيٽل ڪرنسي واپس حاصل ڪري سگهجي.
هي آن لائين ڪرپٽو ڪرنسي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سائبر فراڊ قرار ڏنو ويو آهي
باءِ بٽ موجب، هڪ هيڪر Ethereum نالي ڊجيٽل ڪرنسي جي هڪ والٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪري ان جو سمورو مواد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
ڪرپٽو پليٽ فارم باءِ بٽ واهپيدارن کي خاطري ڪرائي آهي ته سندن ذخيرا محفوظ آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان پهتو ته ڪمپني ان جو ازالو ڪندي.
باءِ بٽ جي سي اي او بين زو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هيڪ ٿيل ڪرنسي واپس حاصل نه ٿي سگهي، تڏهن به ڪمپني واهپيدارن کي مڪمل معاوضو ادا ڪندي.
هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته باءِ بٽ وٽ واهپيدارن جا 20 ارب ڊالرن جا اثاثا موجود آهن ۽ ڪمپني نقصان جو ازالو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي.
رپورٽن موجب، باءِ بٽ سڄي دنيا ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ واهپيدارن طرفان استعمال ٿيندڙ ٻيو وڏو ڪرپٽو ايڪسچينج پليٽ فارم آهي.
بين زو موجب، هيڪنگ کانپوءِ ساڍن ٽن لکن واهپيدارن پنهنجا فنڊ ڪڍرائڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، پر درخواستن جي گهڻائي سبب عمل مڪمل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.
هن چيو ته هيڪنگ جو واقعو ڪرپٽو ڪرنسي کي ‘آف لائين ڪولڊ والٽ’ مان ‘وارم والٽ’ ڏانهن منتقل ڪرڻ وقت پيش آيو. رهي هئي.
ان دوران هيڪر سيڪيورٽي ڪنٽرول جي ڪمزوري جو فائدو وٺي رقم منتقل ڪري ڇڏي.
ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته جيڪي به سائبر سيڪيورٽي ماهر چوري ٿيل فنڊ واپس آڻڻ ۾ مدد ڪندا، تن کي ان رقم جو 10 سيڪڙو انعام طور ڏنو ويندو، جيڪڏهن سموري رقم رڪور ٿي وئي ته اِهو انعام 14 ڪروڙ ڊالرن تائين ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.