عامر خان جا پنهنجي فلمن جي ڪمائي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي )ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي فلمن مان حاصل ٿيندڙ آمدني بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
عامر خان پنهنجي شاندار اداڪاري ۽ ڪاروباري حڪمت عملي سبب بالي ووڊ جي وڏن فنڪارن ۾ شمار ٿيندو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، عامر خان هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو ته هو فلمن لاءِ ڪيترو معاوضو وٺندو آهي.
عامر خان ٻڌايو ته هو فلمن لاءِ ڪا به فيس ناهي وٺندو، ڇر فلمن جي منافعي ۾ حصو وٺندو آهي ته جيئن فلم کي نقصان نه ٿئي ۽ انڊسٽري کي فائدو ملي.
هن وڌيڪ چيو ته هو فلمن جي بجيٽ ۾ پنهنجي فيس شامل نٿو ڪري، جيڪو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
عامر خان موجب، سندس فلمون عام طور تي 10 کان 20 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ ٺهن ٿيون ۽ کيس يقين هوندو آهي ته اهي فلمون گهٽ ۾ گهٽ اها رقم ضرور ڪمائينديون.
اداڪار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سندس فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿي ويندي آهي ته کيس ٽڪو به ناهي ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.