ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صحافين سان گفتگو دوران منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ ۾ جاري وفاقي منصوبن بابت ٻڌائي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران صحافي احسن اقبال کان سوال ڪيو ته سنڌ جا ڪي 5 وڏا منصوبا ٻڌايو، جن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي؟
احسن اقبال وراڻيو ته اسان ڪي فور تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي حيدرآباد موٽر وي تي الائنمينٽ ڪئي ويندي، هاڻ اختيار صوبن وٽ آهن، انهن کي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته اسان کي هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، فوڊ سيڪيورٽي، واٽر سيڪيورٽي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ ونڊ ۽ سولر انرجي جا موقعا آهن.
Prev Post
You might also like