انسٽاگرام طرفان ڊائريڪٽ ميسيجز (ڊي ايمز) ۾ نوان فيچرز متعارف
انسٽاگرام پنهنجي ڊائريڪٽ ميسيجز ۾ مختلف نوان فيچرز پيش ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ ڊائريڪٽ ميسجز هاڻي ايپل آءِ فون ميسج ۽ ٻين ايپس جو متبادل بڻجي ويا آهن.
ڪمپني موجب، هاڻي سڄي دنيا واهپيدار ڊائريڪٽ ميسيجز ۾ ٽرانسليٽ ٽولز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا ۽ 99 ٻولين ۾ پيغامن جو ترجمو ڪري سگهندا.
اهڙي ريت هڪ نئون فيچر آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن سان هو ميوزڪ شيئر ڪري سگهندا.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي چيٽ ڪمپوزر اسڪرين تي اسٽيڪر بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو، جتان هو ميوزڪ آپشن چونڊي 30 سيڪنڊن جو ڪلپ گروپ چيٽ يا براڊڪاسٽ چينل تي شيئر ڪري سگهندا.
انسٽاگرام ۾ نئون ”پن ميسيجز“ فيچر پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار خاص ميسيجز کي مٿي رکي سگهندا ۽ هر چيٽ ۾ 3 پيغام پن ڪري سگهندا.
ان سان گڏوگڏ انسٽاگرام هاڻي ڊائريڪٽ ميسيجز ۾ ميسيج شيڊيولنگ وارو فيچر به پيش ڪري رهيو آهي، جنهن تحت واهپيدار پنهنجي پيغامن کي 29 ڏينهن تائين شيڊيول ڪري سگهندا.
آخري نئون فيچر گروپ چيٽس لاءِ آهي، جنهن تحت واهپيدار پنهنجي دوستن کي گروپ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪيو آر ڪوڊ موڪلي سگهندا، جيڪو دعوت نامي طور ڪم ڪندو.
Next Post
You might also like