پهرئين پارلياماني سال جي پڄاڻي تي وزيرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمينٽ اينڊ ٽرانسپرينسي (پلڊاٽ) پهرئين پارلياماني سال جي پڄاڻي تي وفاقي وزيرن جي پارلياماني ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب، وفاقي ڪابينا ۾ 18 وزير ۽ 2 مملڪتي وزير شامل آهن، جن مان رڳو هڪ عورت وزير آهي، جڏهن ته ڪو به غير مسلم وزير شامل ناهي.
ڪارڪردگي جي لحاظ کان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سڀني کان وڌيڪ اثرائتو رهيو.
رپورٽ موجب، اعظم نذير تارڙ پارلياماني ڪارڪردگي جي لحاظ کان پهرين نمبر تي رهيو، جڏهن ته احد چيمه ۽ محسن نقوي سڀ کان هيٺين درجي تي رهيا.
اعظم نذير تارڙ نه رڳو حاضري ۾ اڳڀرو رهيو پر پارليامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ تقريرون به ڪيون.
هن 157 مان 89 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ 17 ڪلاڪ 18 منٽ پارليامينٽ ۾ ڳالهايو.
خواجا آصف 69 اجلاسن ۾ شرڪت ۽ 5 ڪلاڪ 41 منٽ تقريرون ڪري ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته عطا تارڙ حاضري جي لحاظ کان پنجين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان ٽئين نمبر تي رهيو.
ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب حاضري جي لحاظ کان 12هين ۽ تقريرن ۾ 2 ڪلاڪ 45 منٽ ڳالهائي چوٿين نمبر تي رهيو.
احد چيمه حاضري جي لحاظ کان 17هين ۽ ڳالهائڻ ۾ 19هين نمبر تي رهيو، هو 157 مان رڳو 9 اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ مشڪل هڪ منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
محسن نقوي حاضري ۾ 16هين ۽ ڳالهائڻ ۾ 18هين نمبر تي رهيو، هن 157 مان رڳو 10 اجلاس اٽينڊ ڪيا ۽ صرف 12 منٽ تقرير ڪئي.
احسن اقبال، علي پرويز ملڪ، امير مقام، خالد مقبول صديقي، جام ڪمال، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، رانا تنوير حسين، اويس لغاري ۽ شزه فاطمه خواجه به مختلف نمبرن تي رهيا.
رپورٽ موجب، محسن نقوي جو پارلياماني رڪارڊ تمام گهٽ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن پارلياماني نگراني کانسواءِ امن امان جي ايجنڊا لاڳو ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.