حڪومت جو شهرين کي عالمي معيار جون سفري سهولتون ڏيڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهم اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري خيبرپختونخوا حڪومت جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته بائڪر لين جو رنگ مقامي ڪمپني آزمائشي بنيادن تي هڪ سال جي گارنٽي تحت لڳايو هو، هاڻي ساڳي ڪمپني ٻيهر رنگ ڪندي.
هن واضح ڪيو ته ان ڪم تي پنجاب حڪومت جي هڪ پائي به خرچ نه ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا ادائيگي ڪئي وئي آهي.
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته پشاور بي آر ٽي پنجن سالن دوران هلي گهٽ، بند وڌيڪ رهي ۽ ڪيترن ئي حادثن جو شڪار ٿي، جڏهن ته خيبرپختونخوا حڪومت کي اڃا به 60 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن.
هن ٻڌايو ته پشاور بي آر ٽي جو ڪيس عالمي عدالت ۾ هلي رهيو آهي، پر بئريسٽر سيف پنجاب تي تنقيد ڪري رڳو خبرن ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ميٽرو بس ۽ اورينج ٽرين کانپوءِ هاڻ ٽرام ۽ انڊر گرائونڊ گرين لائن جو منصوبو پڻ شروع ٿي رهيو آهي، جيڪو ماڻهن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندو.
هن چيو ته جيڪي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جهڙا ناهن، اهي ٻين جي منصوبن تي تنقيد ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.