آذربائيجان پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو : وزيراعظم

باڪو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار، دفاع ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جنهن جي سلسلي ۾ مختلف معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم شهباز شريف، آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو جي صدارتي محل ۾ صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، دفاع، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. تقريب دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
ان موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن.
هن چيو ته اڄ جن منصوبن تي ڳالهيون ٿيون آهن، انهن کي هڪ مهيني اندر حتمي شڪل ڏني ويندي.
صدر الهام عليوف هاڻوڪن معاهدن کي ٻنهي ملڪن لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٿيل معاهدا عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.
هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، جڏهن ته اپريل دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه هزار ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته آذربائيجان جي کارا باغ واري مسئلي تي پاڪستان جي حمايت جاري رهندي، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ٻن رياستن وارو حل اڻٽر آهي ۽ غزا جي پٽي سميت سموري فلسطين ۾ جنگبندي جي ضرورت آهي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر سان ملاقات لاءِ صدارتي محل پهتو، جتي صدر الهام عليوف مک دروازي تي سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن پرجوش هٿ ملايو، ۽ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو پهتو.
باڪو ايئرپورٽ تي آذربائيجان جي پهرين ڊپٽي وزيراعظم ۽ ڊپٽي پرڏيهي وزير کيس آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي آذربائيجان جي سفير فرحه دوف ۽ پاڪستاني سفير قاسم محي الدين پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.