ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان جي ڀلاري مهيني جي آمد ۾ باقي هڪ هفتو بچيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمان هن مبارڪ مهيني جي تيارين ۾ رڌل آهن.
پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ڪجهه سالن کانپوءِ دنيا ۾ مسلمان هڪ سال ۾ ٻه ڀيرا رمضان کي ڀليڪار چوندا؟
ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اهڙو موقعو ايندو، جڏهن مسلمان سال ۾ ٻه ڀيرا رمضان جو تجربو ڪندا.
اهو هر 33 سالن کانپوءِ ٿيندو آهي ۽ فلڪياتي حساب موجب 2030 ۾ مسلمان ٻه ڀيرا رمضان جي ڀلاري مهيني آجيان ڪندا، ان جو سبب قمري سال جو شمسي سال جي ڀيٽ ۾ 11 کان 12 ڏينهن ننڍو هجڻ آهي.
دبئي سان واسطو رکندڙ فلڪياتي گروپ جي چيف ايگزيڪٽيو حسن احمد الهريري موجب، قمري ڪلينڊر جي حساب سان هڪ ئي سال ۾ ٻه دفعا رمضان جو اچڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ڇو ته قمري مهينو هر سال 10 کان 11 ڏينهن اڳتي وڌندو آهي.
فلڪياتي حساب موجب، پهريون رمضان 4 جنوري 2030 تي شروع ٿيندو، جڏهن ته ٻيو رمضان 26 ڊسمبر 2030 تي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب مسلمان ان سال مجموعي طور تي 36 روزا رکندا.
ان کان اڳ 1997ع ۾ به هڪ ئي عيسوي سال دوران ٻه ڀيرا رمضان آيو هو، جڏهن ته هاڻي 2030 کانپوءِ 2063 کان اڳ ائين ٻيهر نه ٿيندو.
You might also like