شادي کانپوءِ نيلم منير جي نين تصويرن جي سوشل ميڊيا تي هاڪَ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت اداڪارا نيلم منير جون شادي کانپوءِ نيون تصويرون منظر تي اچي ويون، جن کي واهپيدارن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.
نيلم منير تازو دبئي ۾ رهندڙ پاڪستاني محمد راشد سان شادي ڪئي آهي، شادي کانپوءِ اداڪارا جون نيون تصويرون وائرل ٿيون آهن، جن ۾ هوءَ ”بن الياس آفيشل“ برانڊ جي ڪپڙن جي مشهوري ڪري رهي آهي.
مداحن طرفان نيلم منير جي تازين تصويرن کي ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.