اداڪارا درفشان جي طبعيت ناساز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا درفشان سليم پنهنجي طبعيت ناساز هجڻ جو انڪشاف ڪندي دوائن سان گڏ تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
درفشان پنهنجي ڀاءُ جي شادي دوران بيمار ٿي هئي ۽ هڪ فوٽو شوٽ جون تصويرون شيئر ڪندي هن انڪشاف ڪيو هو ته کيس 102 بخار هو.
اداڪارا هاڻ انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي هن ڀيرو ٻيهر پنهنجي طبعيت بابت ٻڌايو.
تصوير ۾ درفشان جي هٿ ۾ دوائون ڏسي سگهجن ٿيون، اداڪارا ڪيپٽن لکيو ته ٽوئنٽيز کي باءِ باءِ چوڻ ان کي چوندا آهن، اداڪارا جو مطلب هو ته هاڻ هوءَ ٿرٽيز جي فينز ۾ اچڻ واري آهي، تنهن ڪري هي دوائون ۽ بيماري تي ٺهي ٿي.
درفشان جي ان پوسٽ تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، هڪ واهپيدار لکيو ته توهان کي نظر لڳي وئي آهي، ٻئي واهپيدار لکيو ته توهان ٽوئنٽيز کي نه ٿرٽيز کي باءِ باءِ ڪندا هوندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.