ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو دنگل، يعني پاڪ-ڀارت ميچ، 23 فيبروري (آچر) تي دبئي ۾ کيڏي ويندي.
پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ڪرڪيٽ جي مداحن جو جوش پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي، جتي هر ڪو پنهنجي ٽيم جي حمايت ۾ سرگرم نظر اچي رهيو آهي.
ڪرڪيٽ جو بخار رڳو شوقينن تائين محدود ناهي، پر ڪيئي شوبز شخصيتون پڻ ان ميچ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيون آهن.
سوشل ميڊيا تي راکي ساونت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. ان دوران اداڪارا انوکي شرٽ پهري، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جا نالا لکيل آهن.
وڊيو ۾ راکي ساونت چيو ته”مان ڀارت جي ڌيءَ ۽ پاڪستان جي مستقبل جي نُنهن آهيان، تنهنڪري ٻنهي ٽيمن کي سپورٽ ڪنديس.“
اداڪارا جي هيءَ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي ٻنهي ملڪن جا واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like