”ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي“

شڪارپور(ذوالفقار مگسي) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهن نون ڪئنالن، ڌاڙيل راڄ، بهارين، بنگالين ۽ برمين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان شڪارپور پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس  کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،ستار رند،لال جروار، پرهه سومرو،سچل ڀٽي،سرواڻ جتوئي، ستار سومرو، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر وزير گهنڃيو، اديب آزاد مغل،ڪوثر ڦلپوٽو، سنڌو ٻپڙ، اديب شاعر محمد شريف “شاد”، عمران منگي، راشد علي لاشاري، زمان ڪلوڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي واهن ۽ ڪئنالن جو ڄار وڇائي سنڌ جو پاڻي روڪڻ دهشتگردي، سنڌ ۾ رھندڙ ڪروڙين انسانن جي نسل ڪشي ۽ ملڪي سالميت خلاف سازش آهي، سنڌو درياء مان  6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي سرسبز ۽ آباد زمينن کي غير آباد ڪري پنجاب جون لکين ايڪڙ غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ جو ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن ۽ گريٽر پنجاب جو منصوبو آھي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين غير ملڪي سرمائيدارن حوالي ڪئي پئي وڃي. گرين ڪارپوريٽ انشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني انگريز سامراجي دور جي ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مريم نواز سان گڏ چيف آرمي کي تڪراري منصوبن جو افتتاح ڪرڻ سواليه نشان آھي،پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو آهي،اڳواڻن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بهارين ۽ برمين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ بابت قانون سازي جي ڪوشش سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي. ڪانفرنس ۾ قراردادون منظور ڪري چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪري، زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن، ۽ وڏين جاگيرن کي ختم ڪري زرعي سڌارا آندا وڃن. چولستان رٿا ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جهڙا منصوبا ختم ڪري، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.