پي ٽي آءِ جي آرمي چيف خلاف جارحاڻي مهم شروع، لنڊن ۾ مظاهرا

لاهور/اسلام آباد(معظم فخر+عمران وسيم)پي ٽي آءِ پاران جنرل عاصم منير خلاف جارحاڻي مهم شروع ڪئي وئي آهي.ان مهم تحت عالمي سطح تي جنرل عاصم منير خلاف مظاهرا ڪيا ويندا.ان سلسلي ۾ پهريون مظاهرو لنڊن ۾ ڪيو ويو.ٻئي پاسي عالمي سطح تي لابنگ وسيلي پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ مٿان دٻاءٌ وجهي جنرل عاصم منير مٿان استعفيٰ  لاءِ دٻاءُ وڌايو ويندولنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سامهون مظاهرو ڪيو ويو ۽ سوشل ميديا تي به مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ مظاهري لاءِ هڪ تڪراري ۽ توهين جوڳا پوسٽر جاري ڪيا ويا آهن. مظاهرو اهڙي وقت ڪيو ويو جڏهن آرمي چيف لنڊن پهتل آهي. پي ٽي آئي پاڪستان جي آفيشل ٽوئٽر تان اهڙي قسم جو بيان ظاهر ڪري ٿو ته اهو لنڊن ۾ ٿيندڙ مظاهرو هنن جي پارٽي پاليسي جوهصو آهي.ان مظاهري وسيلي جي ايس پي پلس جو معاملو جيڪو يورپي يونين ۾ زير غور آهي ان کي به ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جڏهن ته لنڊن مظاهري جو ماسٽرمائنڊ شهباز گل آهي.جيڪو پاڪستان مان فرار ٿي ويو هيو.شهباز گل پاران ايڪس تي ٽوئٽ ڪري چيو ويو ته آرمي چيف لنڊن ۾ آهي  پي ٽي آئي برطانيه وارا اڳواڻ ۽ ميمبر ان خلاف احتجاج ڪن.هاڻي جڏهن پي ٽي آئي تي سختي ٿيندي ته پوءِ ڪير ذميوار هوندو؟

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمع 21 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.