بارکان (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر بارکان ويجهو هٿياربندن بس مان 7 مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
هي واقعو رکهني کي ڊي جي خان سان ملائيندڙ روڊ تي پيش آيو، جتي 10 کان 12 هٿياربندن ڪوئيٽا کان فيصل آباد ويندڙ بس کي روڪي، مسافرن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ پوءِ 7 ڄڻن کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
اطلاعن موجب، مارجي ويل سڀئي مسافر پنجاب جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر بارکان خادم حسين واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هٿياربندن بس مان مسافرن کي زبردستي لاٿو ۽ انهن کي فائرنگ جو نشانو بڻايو. ليويز ۽ ايف سي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته لاش رکهني اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
بس جي مسافر ذيشان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حملو ڪندڙن بس کي روڪڻ بعد مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺا ۽ 7 ماڻهن کي لاٿي قتل ڪيو.
هن چيو ته سندس ڀاءُ عدنان کي به سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي بس مان لاٿو ويو ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
متاثر خاندانن جي مسافر عورتن جو چوڻ آهي ته اسان ڪوئيٽا کان فيصل آباد وڃي رهيا هئاسين، هٿياربندن اسان جي ڀاءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي، کيس زبردستي بس مان لاهي قتل ڪيو.
بلوچستان جي وڏي وزير جو بيان
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بيگناهه ۽ بي هٿيار ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
هن چيو ته امن دشمنن جي اهڙن بزدلاڻن حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو ۽ انهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي مذمت
وزيراعظم شهباز شريف بارکان ۾ دهشتگردن هٿان 7 مسافرن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙ دهشتگردن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم آهن. هن خاطري ڪرائي ته بيگناهه شهرين جي قربانين کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو ۽ ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
سيڪيورٽي جا انتظام سخت
حڪومتي ترجمان موجب، واقعي بعد ايف سي ۽ ليويز جا دستا واقعي واري هنڌ پهچي چڪا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جي تلاش جاري آهي.