اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي سامونڊي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل واوڊا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي پورٽ جي 40 اربن جي سرڪاري قيمت جي زمين 5 ارب رپين ۾ ڏني وئي.
سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ فيصل واوڊا چيو ته ڪراچي پورٽ جي 500 ايڪڙ زمين جي مارڪيٽ ويليو 60 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، ڪراچي پورٽ جي زمين جي الاٽمينٽ جا سودا فوري طور روڪيا وڃن.
هن چيو ته پورٽ ۾ زمين جي الاٽمينٽ شفاف ڪنداسين، اهو ميگا اسڪينڊل آهي، پورٽ جي زمين جي الاٽمينٽ ايس آءِ ايف سي جي مشاورت سان ڪنداسين.
You might also like