چيمپيئنز ٽرافي 2017 ۾ پاڪستان هٿان شڪست، شيکر ڌون جو وڏو اعتراف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي بيٽر ۽ چيمپيئنز ٽرافي جي سفير شيکر ڌون اعتراف ڪيو آهي ته 2017 واري ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ سندن ٽيم دٻاءُ ۾ اچي وئي هئي.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي افتتاحي تقريب دوران شيکر ڌون جو وڊيو پيغام پڻ پيش ڪيو ويو.
شيڪر ڌون چيو ته 2017 ۾ ٽاپ آرڊر جي جلدي آئوٽ ٿيڻ سبب مٿن دٻاءُ آيو، ان ٽورنامنٽ ۾ ڀارت بهترين ڪرڪيٽ کيڏي.
هن چيو ته پاڪستان-ڀارت ميچ جو هڪ خاص احساس هوندو آهي، هر ڪو ان تي تبصرا ڪندو آهي، اهو هڪ خاص ڏينهن هوندو آهي ۽ ٻئي ٽيمون ڀرپور تياريءَ سان ميدان تي لهنديون آهن.
شيکر ڌون وڌيڪ چيو ته 2013 واري چيمپيئنز ٽرافي سندس ڪيريئر جو يادگار ايونٽ هو، جتي هن واپسي ڪئي ۽ ڏکي حالتن ۾ ٽيم لاءِ يادگار ڪارڪردگي پيش ڪئي، خاص طور تي ڏکڻ آفريڪا خلاف سينچري سدائين ياد رهندي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي افتتاحي تقريب لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٿي، جتي 2017 جي چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ۽ ٻين رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪٽيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا اعليٰ اهلڪار، حڪومتي ۽ سياسي شخصيتون سميت اڳوڻا ڪرڪٽر موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.