اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينھن ۾ مهانگائي جو گراف وڌيڪ گهٽجي ويندو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچي چڪي آهي ۽ بينڪن جو مارڪ اپ ريٽ بهتر ٿيو آهي. اُنهن اميد ظاهر ڪئي ته مهانگائي جو گراف ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ گهٽجي ويندو.
وزيراعظم چيو ته حڪومت جي بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن ۽ سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، معيشيت کي سڌارڻ لاءِ پڻ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، پر اڃا وڌيڪ محنت جي رورت آهي.
شهباز شريف چيو ته هوريان هوريان عوام کي بهتر معيشيت جا فائدا ملي رهيا آهن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياسي جهيڙن سان نفرت پيدا ٿيندي آهي جيڪا ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ نفرت واري ڪلچر کي هٿي ملي، جنهن ملڪ کي نقصان پهچايو.
You might also like