ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري شهر ۾ وڌندڙ روڊ حادثن بابت وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو.
ترجمان موجب، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڊمپر، ٽرڪ ۽ واٽر ٽينڪر ڊرائيورن جي لاپرواهي سان ڊرائيونگ بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه مهينن دوران ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ حادثن ۾ واڌ ٿي آهي.
گورنر وڏي وزير کي مشورو ڏنو آهي ته چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا حادثن جي سببن جي نشاندهي ڪري، ذميوارن جو تعين ڪري ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪري.
ڪامران ٽيسوري پنهنجي خط ۾ اهو به چيو ته هن وقت عوام ۾ سخت پريشاني ۽ خدشا موجود آهن، هو حڪومت کان ترت ۽ اثرائتي قدمن جي درخواست ڪري ٿو ته جيئن شهرين جي قيمتي جانين جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
You might also like