شير افضل يا سلمان اڪرم، عمران خان جو ڪنهن تي اعتماد؟ معاملو واضح ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته شير افضل مروت کي خاموش رهڻ جو چيو ويو آهي پر هو خاموش رهڻ وارو ناهي.
هڪ بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته شير افضل مروت خلاف ڊسپلنري ايڪشن ورتو ويو آهي ۽ هو ڀلي ڪير به هجي، پارٽي ڊسپلن کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته شير افضل مروت بابت ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ته هو غدار يا ڪرپشن ۾ ملوث آهي.
شوڪت يوسفزئي چيو ته هن شير افضل مروت کي چيو آهي بيان بازي کان پاسو ڪري، ڊسپلنري ايڪشن ڪو اهڙو وڏو مسئلو ناهي جيڪو حل نه ٿي سگھي، پر اهو ڏکيو آهي ڇو ته شير افضل مروت خاموش رهڻ وارن مان ناهي.
شير افضل مروت جي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تي الزامن بابت شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته اِها ڳالهه صحيح آهي ته سلمان اڪرم راجا سياسي ماڻهو ناهي، هو هڪ تمام سٺو وڪيل آهن، پر کيس عمران خان جو اعتماد حاصل آهي ۽ اسان لاءِ عمران خان سڀ کان اهم آهي.
شوڪت يوسفزئي چيو ته منهنجو خيال آهي ته هتي شير افضل مروت کي ٿورو هٿ هِلڪو رکڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان جا ساڻس اختلاف آهن ته اهي ڪنهن به وقت حل ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.