ڪرم ۾ امدادي قافلي تي ٻيهر حملو، فائرنگ ۽ ڦرلٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪررم ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلي تي ٻيهر حملو ڪيو ويو، جنهن دوران سخت فائرنگ بعد گاڏين مان ڦرلٽ ڪئي وئي.
ضلعي انتظاميا موجب، ٽل مان 130 گاڏين تي ٻڌل قافلو روانو ٿيو، جنهن ۾ 5 آئل ٽينڪر به شامل هئا. قافلي تي لوئر ڪرم جي چارخيل واري علائقي ۾ حملو ڪيو ويو، جنهن بعد فائرنگ جاري رهي. انتظاميا قافلي کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو.
سرڪاري ذريعن موجب، 40 گاڏيون ٽل کان پاراچنار طرف وڃي رهيون هيون، جڏهن ته اوچت ۽ ڊاڊ قمر وارن علائقن ۾ به فائرنگ جا واقعا پيش آيا.
پوليس موجب، فائرنگ سبب جاني نقصان جو خدشو آهي، جڏهن ته شروعاتي رپورٽن موجب هڪ ڊرائيور زخمي ٿيو، جنهن کي علي زئي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ڪرم ۾ بنڪرن کي ڊاهڻ جو عمل جاري آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب، هن وقت تائين 183 بنڪر ختم ڪيا ويا آهن ۽ امن معاهدي تي مڪمل عمل يقيني بڻايو ويندو.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته قافلي ۾ شامل گاڏيون محفوظ آهن ۽ پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيون آهن. جيڪو به امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.