ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب طاقتور اولهندي هوائن جو سسٽم اڄ کان 22 فيبروري تائين ملڪ تي اثراانداز رهندو جنهن تحت ڪيئي علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيي نگارن موجب، پاڪستان جي 70 کان 80 سيڪڙو اترين علائقن کي به اِهو سسٽم متاثر ڪري سگهي ٿو، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تي به سسٽم اثرنداز ٿيندو، سسٽم سبب جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ مختلف جاين تي تيز برسات جو امڪان آهي.
تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ان سسٽم تحت في الحال برسات جو امڪان نه آهي پر بلوچستان ۾ ان سسٽم جي اثر هيٺ برساتن جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، زيارت، زوب، قلعه سيف الله ۽ خضدار ۾ جبلن تي برفباري جو امڪان پڻ آهي.
موسمياتي تجزيي نگارن موجب، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 19 کان 21 فيبروري دوران تيز برسات جو امڪان آهي، ڏکڻ ۽ وچ پنجاب ۾ برساتن جا ٻه کان ٽي اسپيل پوڻ ۽ ڪجهه جاين تي ڳڙي جو به امڪان آهي.
تجزيي نگارن موجب، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برساتن جا ٻه کان ٽي اسپيل اچي سگهن ٿا جڏهن ته ڪراچي واسين کي اولهندي هوائن سبب خشڪ ۽ گهميل موسم کان ڇوٽڪارو ملندو، ان سسٽم کانپو ٿڌ جي لهر اترين علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي.
موسمياتي تجزيي نگارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ان سسٽم تحت، سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ به بوندا باندي يا هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي ۾ سسٽم تحت برسات جو ڪو امڪان نه آهي.
You might also like