ملتان (ويب ڊيسڪ) عدالت پيپلز پارٽي جي 4 اسيمبلي ميمبرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ملتان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڪورونا وبا دوران حڪومتي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ۽ سرڪاري ڪم ڪار ۾مداخلت جي ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي 4 اسيمبلي ميمبرن ۽ وڪيلن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.
جڊيشل مئجسٽريٽ شاهد حسن مغل چهليڪ ٿاڻي جي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۾ عبدالقادر گيلاني، علي موسيٰ گيلاني، علي قاسم گيلاني ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر علي حيدر گيلاني شامل آهن.
ان کانسواءِ اڳوڻي ايم پي اي عثمان ڀٽي سميت ڪيترن ئي ضلعي عهديدارن ۽ وڪيل اڳواڻن جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
جوابدارن تي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ۽ سرڪاري معاملن ۾ مداخلت جو ڪيس داخل هو ۽ هو هر هر عدالت طرفان طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿي رهيا هئا.
Next Post
You might also like