لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي يونيورسٽين مان مرد ٽيچرز ۽ پروفيسرز کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽين ۾ هراسان ڪندڙن کي سخت سزائون ٿينديون، عورتن کي بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ پيپر ٺاهڻ ۽ انهن جي چيڪنگ جو نظام تبديل ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته عورتن جي يونيورسٽين مان مرد پروفيسرز ۽ ٽيچرز کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وائس چانسلرز ۽ پروفيسرز جي ڪارڪردگي لاءِ پرفارما ورهايا ويندا، ڪارڪردگي جي بنياد تي سزا ۽ جزا جو فيصلو ڪيو ويندو.
Prev Post
Next Post
You might also like