عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ بعد ٻڍو قمبراڻي ۾ شاگردن لاءِ نئين پل تيار

بدين(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو)ٻڍو قمبراڻي جي هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پل نه هجڻ ڪري والدين جي ڪلهي تي چڙهي اسڪول وڃڻ تي مجبور هئا جنهن جون خبرون عوامي  آواز ۾ لڳڻ بعد ترجمان ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي سنڌ نوٽيس وٺندي نصير ڪئنال تي هاءِ اسڪول جي شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ پل ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد ان اعلان تي عمل ڪندي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اينڊ هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جي شاگردن ۽ شاگردن لاءِ ڪاٺ جي پل تعمير ڪرائي وئي آهي پل جي تعمير تي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت رهواسين خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ مظلومن جو آواز آهي اسان کي پل نه هجڻ ڪري سخت مشڪلاتون هيون عوامي آواز جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي مشڪلاتن کي اعلي آفيسرن تائين پهچايو ۽ اڄ ان جي ڪري ئي اسان جي ٻارن لاءِ پل تعمير ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.